ڏکندو ڏور ٿئي

ڏکندو ڏور ٿئي

ڏکندو ڏور ٿئي

ڏکندو ڏور ٿئي (ڪتاب): هي ناليواري شاعر عبدالقيوم ’صائب‘ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. جنهن ۾ حمد، نعت، نظم، غزل، رباعيون، قطعا، گيت ۽ ترائيل وغيره شامل آهن. هن ڪتاب ۾ ناليواري اديب ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل ۽ نياز همايونيءَ جا ليکڪ جي شاعريءَ تي رايا پڻ شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ غلطين جي نشاندهيءَ لاءِ درستين جو سهونامو ڏنل آهي. 332 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي اڳوڻي سيڪريٽري شمشيرالحيدري، 1995ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪچي جلد سان هن ڪتاب جي قيمت 85 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو